About VNG VNG Members Projects Trainings News Database Chat Polls Contact
Photos Search
  •  
 
 

Spy

 
ugguggugg has joined
29.11.2016 18:09
bathmateno1 has been edited
15.11.2016 00:34
bathmateno1 has joined
15.11.2016 00:33
wyadmin has joined
02.11.2016 01:15
bdurocher85 has joined
01.11.2016 01:34
ahayee has joined
18.10.2016 03:50
esczygiel26 has joined
16.10.2016 04:43
blairsteve44 has joined
12.10.2016 00:13
poineerali has joined
14.09.2016 23:24
fida12 has joined
04.09.2016 04:25

Wall

All posts
RSS
 
 
28.05.2013
  noor wrote 2122 Days Ago  
 
2013 چونڊون، عوامي مينڊيٽ جو سائنسي تجزيو
سحر گل
2013 جي چونڊُن جي پوري ملڪ ۾ آيل نتيجن کي ”فقط“ عوام جي راءِ جي ترجماني سڏڻ سياسي تجزيي نگارن جي بي انصافي چئبي! ان بي انصافيءَ جا فقط ٽي سبب ٿي سگهن ٿا، اهڙي بي انصافيءَ جو هڪ سبب سياسي تجزيي ڏانهن ويڳاڻپ، هڪ-پاسائين سوچ ۽ سياسي بصيرت جي کوٽ هجڻ ٿي سگهي ٿو، ٻيو سبب ڪو مبصر ڪنهن مخصوص پارٽيءَ طرف فقط دلي جذبي تحت واڳيل هئڻ ڪري ڄاڻي واڻي ڪوتاهه نظريءَ کان ڪم وٺي سگهي ٿو. ۽ ٽيون سبب ، جنهن کي غير اخلاقي سبب چئجي سو اهو ته مادِي مراعتن جي موٽ ۾ سمجهوتو ڪري ڪنهن نسلي ڌُر يا پارٽيءَ جي ايجنڊا تحت ڪو مبصر ائين ڪري (اهڙن سمجهوتن جا لاڙا مخصوص ٽي وي چينلن تي ڳالهائيندڙ سياسي پروگرامن جي ميزبانن ۾، خاص طور تي ڪراچيءَ جي حوالي کان واضح ڏسڻ ۾ آيا). هن مضمون ۾ منهنجو بنيادي موقف اهو آهي ته چونڊُن ۾ ڪجهه پارٽين جي ووٽ بئنڪ کي ڇيهو ضرور رسيو آهي، پر 2013 جي چونڊن جا هي انوکا (۽ ڇرڪائيندڙ) نتيجا، ”فقط“ ۽ ”رُڳو“، عوامي راءِ بدران مخصوص تڪن تي ڪيل ڌانڌليءَ جي ترجماني به آهن. تفصيل ۾ وڃڻ کان اڳ پختونخواه جي مثال تي غور ڪيون ٿا، ان مثال کي ذهن ۾ رکي ٻين صوبن جي چُونڊ نتيجن کي به هڪ نئين رُخ ۾ ڏسي سگهجي ٿو:
هروڀرو ملڪ جي عوام کي اهو سمجهڻ تي ڇو ٿو مجبور ڪيو وڃي ته پختونخواهه جو عوام، مڙني صوبن جي عوام جي ڀيٽ ۾، ايڏو ته سياسي طور برجستو ۽ سُجاڳ آهي جو هو هر دور ۾ پارٽيءَ جي ڪارڪردگي صحيح نه ڏسي پنهنجو مينڊيٽ مختلف پارٽيءَ کي ڏيندو آهي، جيئن 1993 ۾ پي پي، 1997 ۾ مسلم ليگ (نُون)، 2002 ۾ متحده مجلسِ عمل، 2008 ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ ۽ 2013 ۾ پي ٽي آءِ کي ڏنو. اهو بنهه سطحي ۽ سادو تجزيو چئبو، 2008 جي چونڊن ۾ 54 صوبائي ۽ 13 قومي اسيمبليءَ جون سيٽون کڻندڙ اي اين پي 2013 ۾ فقط 5 صوبائي ۽ هڪ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ کڻي ٿي. جي اهي نتيجا واقعي به سچي عوامي راءِ آهن ته پوءِ ته اها ڳالهه مڃبي ته پختونخواهه جو عوام پاڪستان جي مڙني صوبن جي عوام کان سياسي طور تي مٿڀرو، جمهوري قدُرن جو پوئوار ۽ انهن قدُرن کي حقيقت جو روپ ڏيندڙ آهي.
پر پختونخواهه جي عوام ۾ مڙني صوبن جي، خاص طور تي سنڌ جي عوام کان مٿاهين سياسي بلوغت جو ڪو سائنسي ۽ منطقي ثبوت سامهون نه آيو آهي، نه ئي اهڙي سياسي بلوغت جا ڪي سنها اُهڃاڻ عام سماج ۾ ويجهي ماضيءَ ۾ ڏٺا ويا . گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ نه ته صوبي ۾ ڪا اهڙي خاص سياسي هلچل يا تحريڪ نظر آئي جنهن تحت عوام طرفان هر چونڊ نتيجن ۾ اهڙي تبديليءَ آڻڻ جا اشارا ڏنا هجن، نه وري عوام جي اهڙي مينڊيٽ جا اُهڃاڻ عوامي بحث مُباحثن ۾ نظر آيا. بنا اجتماعي قومي موقف سامهون اچڻ جي ۽ سماج ۾ تحرُڪ آڻيندڙ بحث مُباحثي جي پختون عوام ڇا هر ڀيري چونڊُن ۾ سموري ملڪ کي اچرج ۾ لوڏي ڇڏڻ جو قسم کنيو آهي ؟ هر ٻئي ڏينهن بم حملن سان خيبر پختونخواهه جي ڌرتي ڌُٻندي آهي ۽ طالبان انهن حملن جي ذميواري کڻندا آهن، ۽ پوءِ به پختون عوام اي اين پيءَ جهڙي سيڪيولر ۽ سياسي اڳواڻن جي قرباني ڏيندڙ پارٽيءَ، جيڪا انتهاپسنديءَ جو نشانو رهي (مٿس ڪل 31 حملا ٿيا)، بدران ساڄي ڌُر جي پارٽين، يعني نظرياتي طور تي بم حملا ڪندڙ تحريڪِ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي ويجهو لڙيل پارٽين کي پنهنجو سمورو ووٽ ڏئي ٿو، بنا ڪنهن سياسي تحريڪ جي، ۽ بنهه خاموشيءَ سان اهو عوامي انقلاب ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي؟
ٻئي پاسي سنڌ ۾ وري اُبتو منظرنامو سامهون اچي ٿو، پيپلز پارٽي جنهن سنڌ ڇڏي باقي ملڪ ۾ هڪ ڀاڱي ٽي اڪثريت وڃائي، ان سنڌ جو سودو ڪندڙ پارٽيءَ کي سنڌي عوام نه رُڳو ٻيهر وڏو مينڊيٽ ڏئي آڻي ٿو، پر پهرين جي ڀيٽ ۾ سرسي به ڏئي ٿو. ان مثال تحت ته اهو تجزيو سامهون اچي ٿو ته بدترين طرزِ حڪمرانيءَ جي نتيجي ۾ پنجاب جي عوام به پي پيءَ کي ووٽ نه ڏنو ۽ پختونخواهه جو عوام به اي اين پي تي عدم اعتماد ظاهر ڪري تحريڪِ انصاف چونڊي ٿو، پر سنڌي ماڻهوءَ سان ويساهه گهاتين جي انتها ڪندڙ پارٽيءَ کي عوام اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سيٽون ڏئي آڻي ٿو. اهو غير منطقي ۽ غير سائنسي نُقطو ڪيئن مڃجي؟
سنڌ ۾ چونڊُن جا اهي نتيجا ننڍي وچين ۽ وچين طبقي ۽ ترقي پسند عوام لاءِ ڪاپاري ڌَڪُ آهن ته جنهن پي پيءَ هڪ امن دشمن، انسان دشمن قوت سان اتحاد ڪري ان کي ڪراچي رت و ڇاڻ لاءِ ڏئي ڇڏي، ان پي پيءَ کي سنڌ جي ٻهراڙيءَ توڙي شهرن جو عوام عشق جي انڌپائيءَ ۾وري به ووٽ ڏئي ٿو، جيڪڏهن سنڌي ماڻهوءَ جي وري پي پيءَ کي ووٽ ڏيڻ جو تجزيو ڪجي ته ان جا ٻه مطلب نڪرن ٿا، ۽ ٻئي مطلب سنگين، آهن، هڪ اهو ته پي پي ته ڇڏيو، خود اسان جي ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ کي به ان جي رتيءَ برابر پرواهه نه آهي جيڪڏهن پي پي متحده سان ٻيهر اتحاد ڪري، سنڌ جا شهر متحده جي حوالي ڪري ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ رهندڙ گهڻ قومي نسل ڪشيءَ لاءِ کُلي ڇُوٽَ ڏئي؟ ٻيو مطلب اهو ڪڍي سگهجي ٿو ته پختونخواهه جو عوام بيحد سُجاڳ آهي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ جو عوام غير سُجاڳ ۽ انڌ جي ننڊن ۾ اگهور سُتل ۽ غير متحرڪ آهي جو ڏاڍ ڪندڙ پارٽيءَ کي ٻيهر به چونڊي آڻي ٿو، جڏهن ته پختونخواهه جو عوام سياسي طور تي ايترو ته متحرڪ آهي جو هو هر ڀيري چونڊن ۾ پنهنجي پارٽي مٽايو ڇڏي، ويندي سياسي لاڙن کي هيٺ مٿي ڪيو ڇڏي، هڪدم کاٻي ڌر کان ساڄي ڌر ڏانهن لڙيو وڃي؟ ڪڏهن سيڪيولر پارٽي سان ته ڪڏهن صفا تحريڪِ طالبان پاڪستان جي حمايتي ڌُر سان بيٺو هوندو؟ ۽پنجاب جو عوام به سُجاڳ آهي جيڪو پي پيءَ جي بدترين طرزِ حڪمرانيءَ جي نتيجي ۾ کيس رد ڪري ٿو.ظاهري طور تي ته اهي ئي مطلب نڪرن ٿا، پر ڳالهه اڃان ڪا ٽين به ٿي سگهي ٿي، جنهن کي سازشي نظريو (ڪنسپائرسي ٿيوري) سڏي سگهجي ٿو.
عمران خان جي ڪاميابي ۽ اي اين پي لاءِ پختونن جا ايڏا سرد جذبا ڪا ٻي ڪهاڻي پيش ڪن ٿا. ٽنهي صوبن ۾ حيرت ۾ وجهندڙ نتيجن جو سبب رڳو عمران خان جو ”نئين پاڪستان“ جو واعدو، پي پيءَ جو ”بينظير انڪم سپورٽ پروگرام“ ۽ نواز ليگ جي ”سستي ماني ۽ مفت لئپٽاپ“ نه آهن. منهنجو خيال آهي ته جيئن ڪراچيءَ جي اڪثر علائقن ۾ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جو ووٽ پوندو ئي نه آهي، شايد تيئن ئي هر ڀيري مختلف پارٽيءَ کي مينڊيٽ ڏيندڙ پختون عوام جو ووٽ به نالي ماتر ئي پوندو هجي؟
خيبر پختونخواهه ۾ 2013 جي چونڊن جي نتيجن کي 2002 جي نتيجن کي ذهن ۾ رکي ڏسجي ته ڳالهه سمجهه ۾ ايندي.2001 ۾ 9/11 کان پوءِ عجب لقاءُ ڏسڻ ۾ آيو، 2002 جي چونڊُن ۾ متحده مجلسِ عمل وجود ۾ ايندي ئي وسيع طور تي سيٽون ٻُهاريون هيون، ۽ايستائين جو اُنهن چونڊُن ۾ متحده مجلسِ عمل ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبليءَ واري هڪ پڪي (هير آباد واري) سيٽ به کنئي هئي. انهن چونڊ نتيجن جو پوري دنيا خاص طور تي انهن ملڪن ۾ وڏو چوٻول ٿيو هو جيڪي پاڪستان جي داخلي ۽ خارجي معاملن سان سڌو ۽ اڻ سڌو واڳيل آهن. هڪ پاسي 9/11 ٿئي سال مس ٿيو ته ٻئي سال چونڊُن اهو واضح ڪيو ته انتها پسندي واقعي پاڪستان جي نَس نَس ۾ ويهي وئي آهي، جو عوام به هاڻي سمجهي ٿو ته ملڪ جو راڄ ڀاڳُ مذهبي پارٽيون سنڀالين. مان ان مفروضي کي رد ٿي ڪيان.
خيبر پختونخواهه ۾ افغانستان جي معاملي ۾ ملڪ جي دفاعي ادارن ۽ آمريڪا جي مفادن کي اوليت ڏيندڙ حڪومت ايندي ، صوبي جي عوام جو هر ڀيري سياسي سڱ مٽائڻ پختون عوام جي سياسي سُجاڳي ۽ سياسي تحرڪ جو نتيجو نه پر اڳ ئي تشڪيل ڏنل نتيجن جي علامت آهي.ان کي سمجهڻ لاءِ ملڪ جي بين الاقوامي لاڳاپن، خطي جي سياست ۽ خارجي قوتن جي ارادن کي ذهن ۾ رکجي. 2014 ۾ ناٽو فوجُن جي واپسيءَ کان پوءِ ان صوبي ۾ خاص طور تي اهڙي حڪومت گُهرجي جيڪا ”مخصوص سطح“ تي افغان حڪومت سان سياسي ڏيتي ليتي ڪري، جيڪو سيڪيولر پارٽين جو ڪم نه آهي. پي ٽي آءِ کي تيار ڪري آڻيندڙ ڌُريون ئي اهڙا مينڊيٽ ممڪن بڻائي سگهن ٿيون.
ٻئي پاسي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پنجاب ۾ مسلم ليگ نون ڪم ڪيو ۽ پاڻ ملهايو آهي. جڏهن ته پي پيءَ جي سرائڪي صوبي واري تدبير سندس مقصد جو رد ثابت ٿي. پنجاب ۾ نواز ليگ وڏي پئماني تي کٽڻ کي ڪجهه دوست پنجابي ووٽ به سڏين ٿا، جيڪو ظاهري طور تي لڳي به ٿو، سنڌ ۾ پي پي سنڌين جا ووٽ ماڻيا، متحده مُهاجرن جا، نواز ليگ پنجابين جا، پختونخواهه ۾ عمران خان پشتونن جا. بلوچستان ۾ ملي عوامي پارٽي کي پشتون ۽ بلوچ قومپرستن کي بلوچ ووٽ مليو. اهو نسُلي ووٽ، منهنجي خيال ۾ سچ ۾ ٿورو ڪُوڙ آهي. ڪراچيءَ ۾ ٻيهر چُونڊُن جي نتيجن ته ان سچ کي وائکو ڪيو آهي، ٻين جاين تي به جي ”ائين“ وري چونڊون ٿين ته ٻيا منظر سامهون اچڻ جا امڪان آهن. مثال پنجاب ۾ نواز ليگ ضرور به ووٽ کنيو آهي، پر ”ڪِن جاين“ تي پي پيءَ جي صفا تڏا ويڙهه ڌانڌليءَ جي امڪانن کي ڏَسي ٿي، مٿان نواز ليگ جو 2008 جي چونڊُن جي ڀيٽ ۾ 119 سيڪڙو وڌيڪ ووٽ ماڻڻ الف ليلوي داستان کان گھٽ نه آهي.
سعوديءَ سان نوازشريف جي ويجهڙائيءَ جي ڪري اهو ته طئه آهي ته هن حڪومت ۾ سَلَفِي/وهابي زور پاڪستان ۾ وڌندو. ايران تي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ڏمربو ، پائيپ لائين جو ڪم جي روڪيو ٿو وڃي ته اها ڳالهه سعودي عرب کي آئڙندي ۽ آمريڪا ان تي مطمئن رهندو (لکن ڊالرن جو نقصان سو ٿيندو). ان نئين حڪومت ۾ تحريڪِ طالبان ٿي سگهي حملا گهٽائي جو کين سعودي اسلام جي پکيڙ ٺهڪي ٿي، هڪ ئي سياسي مڪتبه فڪر ۽ مفادن واريون داخلي ۽ خارجي قوتون سلهاڙجي گڏ بيهنديون، ان ڪري ملڪ ۾ ظاهري طور تي عوامي مينڊيٽ ٻُهاري کڻڻ واري حڪومت عوام بدران مفاد رکندڙ گِروهن جي تابعدار هوندي. پاڪستان جي ويجهي ۽ پرانهين سياسي تاريخ ۾ اها ڪا نئين ڳالهه ته آهي ڪو نه جو اسين اچرج ڪيون؟
بلوچ قومي سياسي پارٽين جي ڀيٽ ۾ بلوچستان ۾ به پختون ملي عوامي پارٽي ۽ مسلم ليگ نون جو ميلاپ ايران افغان سرحدن تي گُهربل ٻوٽا ٻاريندو. بلوچستان جي اولهه ۾ ڏاکڻين پاسي ايران آهي، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ۽ خليجِ اومان آهي ۽ اولهه ۾ اُترائين پاسي افغانستان اٿس، اهڙين سڻڀين سرحدُن واري صوبي ۾ ظاهر آهي ته هر دور ۾ ۽ خاص طور تي اُن دور ۾ جڏهن ناٽو فوجُن جي واپسيءَ کان پوءِ آمريڪي پرڏيهي پاليسيءَ جو هڪ نئون باب کُلڻ وڃي پيو، تڏهن ته ظاهر آهي ته ايندڙ حڪومت کي ”مخصوص“ ايجنڊا تي راضي ٿيڻو پوندو.
پيپلز پارٽي به عجب رنگ ڏيکاريا آهن، متحده جي الطاف حسين جي ڪراچي ڌار ڪرڻ ۽ احتجاج ڪندڙن کي تلوارن سان ڪٽي سندن لاش سمنڊ ۾ اُڇلڻ واري ڌمڪيءَ تي اڄ سڄي دنيا ۾ چوٻول آهي، برطانوي وزيراعظم جي گهر آڏو هڪ پاسي سون ماڻهن جو مظاهرو ٿيو آهي، هزارن ماڻهن فون ذريعي شڪايتون درج ڪرايون آهن، نيٽ جي سماجي ميڊيا تي متحده جي ڌانڌلين جا انيڪ مثال، وڊيو فلمون رکيل آهن، تحريڪ انصاف جي هڪ ناري کي قتل ڪري ڏهڪاءُ پئدا ڪيو ويو، پر پي پيءَ جي قيادت هڪ لفظ واتان اُڪلي اهو ته ٺهيو، ويتر متحده کي حڪومت ٺاهڻ جي آڇ به پاڻ ڪئي اٿس.ڪجهه کاٻي ڌر جي ماڻهن جا رايا توجه طلب آهن، جيئن چيو ويندو آهي ته ڪراچيءَ ۾ متحده کي بيروني قوتن جي وڏي حمايت آهي، تڏهن ئي قتُلن جا ثبوت هوندي به برطانوي حڪومت الطاف حسين کي پناهُه ڏيو ويٺي آهي. جيئن برطانيا ”مجبور“ آهي، تيئن شايد پي پي به ”مجبور“ هجي؟ جيستائين ڪراچيءَ ۾ متحده جي مينڊيٽ ۽ ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ عوام جي ڳالهه آهي ته عرفان عابد جو هڪ شعر ٺهڪي آيو آهي:
جاہل سے قیادت کی اُمید نہیں کرتے٬
ہم آج کے میروں کی تقلید نہیں کرتے۔
حق بات کہے وہ تو لبیک کہو لیکن٬
ہر نعرہ ءِ قائد کی تائید نہیں کرتے۔
اهو لازمي مڃڻ گهرجي ته اصل سورهيائي ته ڪراچيءَ جي انهن اُردو ڳالهائيندڙ ووٽرن ڏيکاري آهي جيڪي رت وڇاڻ ۽ الطاف حسين جي کين تلوارن سان ڪٽي سمنڊ ۾ اُڇلڻ جي ڌمڪين باوجود به تحريڪِ انصاف جي سڏ تي نه رڳو ووٽن لاءِ پر احتجاج لاءِ به نڪتا. ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙن کي جرئت سان ان نئين واٽ اختيار ڪرڻ تي جسُ هجي.
sahar.gul@gmail.com; Twitter @sahargb
 
     
 
 
    17.05.2013
    noor is now friends with Anwar
     
     
      noor is now friends with Rabiaashraf
       
       
        noor is now friends with LuckyVngwala
         
         
          20.12.2012
          noor is now friends with jamropervez
           
           
            noor is now friends with imam_nohrio
             
             
              27.11.2012
              noor is now friends with Veharianz
               
               
                noor is now friends with Bharat
                 
                 
                  noor is now friends with gudluckgee
                   
                   
                    noor is now friends with ishtiaq_mardan
                     
                     
                      1-10 of 43