About VNG VNG Members Projects Trainings News Database Chat Polls Contact
Photos Search
  •  
 
 

Actions

Rate

0 votes

Overview

11.08.2013 (1529 Days Ago)

Empowering the voice of new generation

Categories

Politics (1 posts)

Responsible media and its role

Responsible media and its role
1529 days ago 0 comments Categories: Media Tags:

 

سحر گل

ڪنهن به اداري جي بهتر ڪارڪردگيءَ لاءِ لازمي آهي ته اهو اخلاقي طور ذميوار، پيشه ورانه اصولن سان سلهاڙيل ۽ سماج ۾ گُهربل نظرياتي تياريءَ سان پنهنجو ڪارج ادا ڪندو نظر اچي، تيئن ئي صحافت تي به اهو اصول لاڳو ٿئي ٿو. صحافتي شعبي ۽ هڪ صحافيءَ جي گهربل تياري ڪهڙي هجي اهو صحافتي ادارن جو محورِ فڪر هجڻ گهرجي، ان ۾ مان سنڌي ميڊيا جو ذڪر ڪندس، جيئن ته تازو ڪاوش جو جنم ڏينهن ٿي گذريو آهي، ان خاص ڏينهن تي ڪاوش جي ٽيم کي واڌايون ڏيڻ سان گڏ، مان بطور علم ادب سان واڳيل هڪ حساس سماجي فرد ۽ ليکڪ هئڻ جي سنڌي ميڊيا، ۽ خاص طور تي ڪاوش جي ”ڪاوشُن“ کي ڪيئن ڏٺو، سمجهيو ۽ پرکيو آهي، جي حوالي کان پنهنجي راءِ پيش ڪيان ٿي، جنهن کي هڪ مثبت تنقيدي جائزو ڪري سمجهي سگهجي ٿو.

مون مئي 2006 ۾ هڪ مضمون ”ميڊيا سنڌ ۾ اڳواڻيءَ جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي“ لکيو هو جنهن تي ڪجهه دوستن تنقيد پيش ڪئي هئي ته مون ميڊيا مان تمام گهڻي اُميد رکي ڇڏي آهي، ميڊيا فقط ڄاڻ ڏيڻ جو ادارو آهي، اڳواڻي ڪرڻ ان جي دائره ڪار ۾ ئي نٿو اچي. منطقي طور تي جيتوڻيڪ اها ڳالهه درست آهي، پر منطقي طور تي اهو به درست آهي ته زمان ۽ مڪان جي حالتن آهر ادارن، ۽ فرد جو دائره ڪار وري نئين سِر جُڙي ٽُٽي ٿو، وڌي وسيع ٿئي يا سُسي ٿو.مان اڄ به ان ڳالهه تي قائم آهيان ته ميڊيا اڻ ڳڻين حوالن کان نه رڳو اڳواڻيءَ جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي پر سنڌي ميڊيا اهو ڪندي به رهي آهي،(جنهن ۾ ڪاوش اخبار جو نالو سَرِ فهرست آهي). پر صحافيءَ جي ڪردار جي وصف نئين سِر جوڙڻ جي ضرورت آهي.هڪ وصف اها آهي ته ”اهو فرد جيڪو اخبار، مخزن لاءِ لکي يا ريڊيي يا ٽي وي لاءِ خبرون تيار ڪري ۽ ان ڄاڻ کي عوام تائين پهچائي.“ منهنجي پرزور خيال ۾ هيءَ وصف بنيادي خالن جي ڪري بنهه اڻ پوري ۽ غير نمائنده آهي. ان کي هيئن هجڻ گهرجي، ”اهو فرد جيڪو نه رڳو اخبار، مخزن، ريڊيي يا ٽي وي لاءِ ذميواريءَ سان ۽ پوري جاچ کان پوءِ لکي/خبرون تيار ڪري عوام تائين پهچائي، مظلوم ۽ حق ڏانهن ڌُرائتو ٿي تجزيو ڪري عوام آڏو آڻي ته جيئن ناحق خلاف عوامي راءِ جي تياري به ڪري سگهجي.“

اخبار /صحافيءَ جو ڄاڻ پهچائڻ سان گڏ  اهو به فرض آهي ته هو جاچ واري صحافت (انويسٽيگيٽِو جرنلزم) ذريعي مظلوم جو آواز بهتر طور پيش ڪري، سچ کي وائکو ڪري ان تي باقاعدي تجزيا ڇاپي عوام کي حقيقت کان آگاهه ڪري.نه رڳو اهو پر فيچرن، مضمونن ۽ جاچ واري صحافت کي تحقيقي اصولن تحت پيش ڪري. سنڌي اخبارن جو ماضيءَ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي، ون يونٽ واري جابرانه دور ۾ امرجليل ۽ ٻين ليکڪن جا سخت ۽ ڪوڙي سچ وارا مضمون ڇاپڻ، رياستي دٻاءُ هوندي به ڪالاباغ ڊئم خلاف مظاهرن جي ڪوريج پيش ڪرڻ وغيره شامل آهن،

سال کن اڳ مون تُرڪيءَ جي هڪ اخبار ”طرف“ ۾ جڳ مشهور تُرڪ ليکڪ، صحافي ۽ هڪ اخبار جي ايڊيٽر ائلپر گورمس جو هڪ دلچسپ ليک با ضمير صحافت جي حوالي سان پڙهيو، ان ليک پڙهڻ کان پوءِ مون سدائين سنڌي ميڊيا کي ان اک سان پئي ڏٺو ۽ پرکيو آهي. ائلپر پنهنجي مضمون ذريعي اهو بحث اُٿاريو ته پنهنجن انيڪ مثبت لاڙن هوندي به”باغي صحافت“ شعبي صحافت جي دُرست ۽ اثرائتي نمائندگي نٿي ڪري، سندس راءِ موجب صحافت جي درست صورت ”تنقيدي صحافت“ آهي. (اهو نقطو بي حد اهم آهي، غور ڪجي ته اهو هر شعبي تي لاڳو ڪري سگهجي ٿو، ته باغيانه انداز ۾تبديليءَ آڻڻ بدران هر رُخ کان تنقيدي نقطئه نظر سان پنهنجي پنهنجي شعبي کي جي ڏسجي ته اُن مان اوڻايون ڪڍي ان کي بهتر بنائي سگهجي ٿو). تُرڪيءَ ۾ ائلپر جي هن مضمون صحافتي ۽ علمي دنيا ۾ وڏا بحث مُباحثا کولي ناجائز ڌُرائتي صحافت تي ڳالهه ٻولهه لاءِ نوان گس کولي تُرڪ سماج ۾ خيالن جون نيون لهرون پئدا ڪري ڇڏيون. منهنجو خيال آهي ته جيستائين ڪو ميڊيائي ادارو  سماج ۾ نون بحثن، لاڙن، ۽ خيالن جون انيڪ دريون نٿو کولي اهوفعال ٿي ئي نٿو سگهي. ان نقطي ۽ تُرڪ ليکڪ اَئلپر جي ان خيال ذهن ۾ رکندي سنڌي صحافت ۾ ڪاوش گروپ جي متعارف ڪرايل خيالن ۽ لاڙن تي هڪ مختصر نظر:

* گذريل ٻِن ڏهاڪن ۾ سنڌي ميڊيا  جي سگهاري انداز ۾ اُسري اچڻ ڪاوش گروپ جو بنيادي ڪردار آهي. ڪاوش اخبار پهريون دفعوهڪ عوام مشهور  (پاپيولِسٽ) صحافت جو رحجان متعارف ڪرايو، يعني جنهن دور ۾ سنڌي سماج ۾ ادارا ڊهي رهيا هئا ان وقت ڪاوش گروپ نه رڳو اخبار پر ٽي وي جا ادارا ٺاهي ڏيکاريا، جن ان نڌڻڪائيءَ واري دور ۾ سنڌي موقف کي ڀروپور طور سامهون آندو.

*ڪاوش واقعاتي رپورٽنگ کي نئين انداز ۾ کنيو، ان کان اڳي  سياستدانن، وڏيرن ۽ آفيسر شاهيءَ جي موقفن کي جاءِ ملندي هئي، پر ڪاوش اها پهرين سنڌي اخبار هئي  جنهن ننڍڙن شهرن ۾ ٿيندڙ واقعن کي جرائت ۽ ذميواريءَ سان کڻي معاشري جو بدنما چهرو سامهون آندو ، حقيقتون ڀلي ڪيتريون به ڀيانڪ هجن انهن کي ظاهر ڪرڻ مان خطرو نه آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ خاص طور تي ٿيندڙ ظلم ۽ بربريت کي ڪاوش وائکو ڪري ٻين ميڊيائي ادارن ۾ اههڙي سنڌ ۽ عوام دوست صحافتي رحجان لاءِ اتساهه پئدا ڪيو.

* ڪاوش نون موضوعن تي سياسي بحث ڪرايا، 96 19۾ جامي چانڊيي ۽ علي قاضي جا ”نيٺ ڇا ڪجي“ جي حوالي سان اوائلي مضمون سماج ۾ نوان بحث کڻي آيا، جنهن کي علي قاضي اڄ سوڌو پنهنجي ڪالمن ۾ محورِ موضوع رکي سماج ۾ موقف جوڙڻ جي حوالي کان تحرڪ جو سلسلو جاري رکيو آهي.

*انٽرنيٽ تي به پهريون ڀيرو ڪاوش اخبار ئي آئي، جنهن سنڌي ميڊيا کي سائبر دنيا ۾ متعارف ڪرائي سنڌ جي مسئلن، موقف ۽ اجتماعي راءِ کي عالمي سطح تي پيش ڪيو.

*جيتوڻيڪ سنڌي ميڊيا ۾ اڃان تائين پروفيشنلزم جو رحجان ايڏي اثرائتي طريقي سان لاڳو نه ٿيو آهي، پر ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌي صحافت ۾ پروفيشنلزم جي ڳالهه کي پهريون ڀيرو علي قاضي متعارف ڪرايو.

* اهم ترين نقطو، ڪاوش” ثقافتي ڏِڻ“رُوشناس ڪرائي سنڌ کي پنهنجو عيد جو ڏينهن ڏنو، اها ئي چئبي باشعور ميڊيا، جڏهن اردو ٽي وي چينل جي هڪ متعصب ميزبان صدر زرداريءَ جي سنڌي ٽوپي پائڻ تي چَٿَر ڪئي ته ڪاوش ان موضوع کي پرزور طريقي سان کڻي 6هين ڊسمبر تي ٽوپي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو اڳتي هلي ثقافتي ڏِڻ بڻيو. اها قومي شعور جي اعلى ترين سطح آهي ته ڪا قوم پنهنجي عيد جو ڏينهن طئه ڪري، سماجياتي ([1]) ۽ بشريات ([2]) جي سائنسن جي اک سان ڏسبو ته عيد جيڪا ڪنهن مذهب ۽ رياستي احڪامن بدران قوم جي ثقافت طئه ڪري، اهو هڪ قوم جو تمام وڏو ڇال آهي جنهن جو ڪريڊٽ ڪاوش کي نه ڏيڻ زيادتي هوندي.

سنڌي صحافت ۽ ڪاوش گروپ جي ٽيم لاءِ هيٺ ڪجهه تجويزون پيش ڪيان ٿي.

*”نيٺ ڇا ڪجي“  واري موضوع کي باقاعدي رٿابنديءَ سان کڻڻ لاءِ ان خيال کي سنڌي سماج ۾ متعارف ڪندڙن کي ملي ڪا رٿا جوڙڻ گهرجي، ته جيئن سنڌي سماج کي نظرياتي طورتبديليءَ جي راهه ڏانهن نيئجي.

* انٽرنيٽ جي بهتر ۽ ڀرپور استعمال لاءِ ڪاوش کي هڪ عوامي راءِ جو بلاگ به تيار ڪرڻ گهرجي جيئن بي بي سي اردو وغيره جهڙن ادارن ڪيو آهي، جنهن ذريعي عوامي راءِ کي پوري دنيا تائين پهچائي سگهجي.

* جيئن مون مٿي بيان ڪيو ته ڪاوش پروفيشنلزم کي سنڌي ميڊيا ۾ متعارف ڪرايو، ڪاوش کي ان پيشه ورانه ذميواريءَ جي حوالي کان اڳتي وکون کڻڻ گهرجن، جنهن ۾ صحافين جي صحافتي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ تي تربيت، حساس علائقن ۾ رپورٽنگ ڪندڙ صحافين لاءِ حفاظتي اُپاءَ، ۽ بهتر پگهارون وغيره ڏيڻ اچي ٿو.

* ثقافتي ڏڻ جي حوالي کان سخت افسوس سان اهو چونديس ته غير معياري ۽ اصولن کان وانجهي چٽاڀيٽيءَ جي ڪري ٻين سنڌي ميڊيائي ادارن ضد ۾ ڪاوش جي طئه ڪيل ثقافتي ڏڻ جو ڏينهن مٽائي ٻيو ڪيو.. بجاءِ ان جي جو ان ڏينهن تي ڪاوش کي ڀيٽا طور ساراهي ملڪگير سطح تي ثقافتي ڏينهن روشناس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪجي ها، اهو ڏينهن مختلف ڏينهن تي الڳ الڳ هٽ کولي ملهايو ويندو آهي، قوميتي سطح تي ان سان ان ڏينهن جي اهميت گهٽجي ٿي، اخبارون ڪي سياسي پارٽيون ته نه آهن جو مقابلي بازيءَ ۾ سنڌ جي عوام کي ساڳئي ڏڻ کي ڌُرائتو ٿي ملهائڻ تي مجبور ڪن ٿيون؟ منهنجي خيال ۾ اهو ڏينهن يا ته ڇهين ڊسمبر تي ئي ملهايو وڃي يا ان کي 24 ڊسمبر تي رکي 25 ڊسمبر (حضرت عيسى عليه السلام جي ۽ محمد علي جناح جي جنم ڏينهن) سان ملائي پورو هفتو ثقافتي ڏينهن ڪري ملهائجي، ان سان فائدو اهو ٿيندو تهاهي  عام موڪل جا ڏينهن هوندا، ۽ ان ڏينهن جي لوازمات جو به خاڪو ڪڍجي (ان تي تمام جلد مان هڪ مضمون لکنديس). پر ان لاءِ سنڌي صحافتي ادارن کي يڪراءِ ٿيڻو پوندو، ان ۾ آهي ڪهڙي مُشڪلات؟ ڪاوش سميت مڙني ادارن ۽ سُڄاڻ ماڻهن کي هڪ گڏجاڻي رٿي اهو معاملو نبيرڻ گهرجي ته جيئن هن ڀيري سنڌ جو قومي ڏينهن ۽ قومي عيد هڪ ئي تاريخ تي ملهائجي ته جيئن تاريخ ۾ هڪ مثبت نمونو قلمبند ٿئي.

* صحافت ذريعي مختلف حوالن کان سرواڻي ڪرڻ ڪري ڪاوش تي اها ذميواري اچي  ٿي ته جيئن ته ڪنهن به جمهوري معاشري ۾  ميڊيا جو اهو فرض آهي ته هو سماج ۾ موجود ادارن جي ڪم ۽ ڪارج جو ڳوڙهو جائزو وٺي، انهن ۾ ٿيندڙ بدتري ۽ بهتري سامهون آڻي،ڏيوالپڻي  جي شڪار ادارن لاءِ حفاظتي اُپاءَ ڏَسي. رُڳو ڄاڻ ڏيڻ ۽ لکي ڇڏڻ جي ڪا اهميت نه آهي، ”نيٺ ڇا ڪجي“ جو  اُهي ادارا ڏيوالپڻي جي شڪار ٿيڻ کان بچن، ان موضوع تي پنهنجي اداري منجهه هڪ نئون شعبو متعارف ڪرائي.

* ملڪ جا اڪثريتي ميڊيائي ادارا ٻوليءَ جي حساس ۽ باسمجهه استعمال سان سامهون نٿا اچن،  اخبارن جي ٻولي ۽ ٽي وي پروگرامن جي ميزبانن جو جارحانه انداز  سماج ۾ غير ضروري، منفي هيجان پئدا ڪري ماڻهن کي بحران واري سماج ۾ ويتر ذهني بحران ۾ ڌِڪين ٿا، ائين نه آهي انهن بدنما مثالن کان ترقي پذير ملڪن جي ميڊيا پاڪ آهي: ڊينمارڪ جو مثال کڻجي،جي هڪ فرد  ٻئي فرد جي ثقافتي/مذهبي خيالن تي چٿرٽوڪ ڪري ته انکي غلط سمجهبو، ته پوءِ ميڊيائي ادارن طرفان توهين رسالت وارا ڪارٽون ڪهڙي قسم جي صحافت هئي؟جنهن پوري دنيا جي مسلمانن کي مشتعل ڪيو؟اها ڪهڙي اظهار جي آزادي هئي جنهن سئو کن ماڻهو مارايا؟سنڌي ميڊيا۽ڪاوش نه رڳو اهڙي ميڊيائي روِش کي نندي، انهن لاڙن کان پاسو ڪن، پر عالمي صحافتي اصولن جي پوئواري به ڪن.

*ڪٿي ڪٿي سنڌي ميڊيا به لفظن ۽ اصطلاحن سان کيڏي ٿي، مثال جسم جو واپار ڪرڻ وارين نارين کي”سدا سُهاڳڻيون“ سڏڻ. ان اصطلاح ۾ نه رُڳو انهن نارين تي چٿر آهي، پر پرڻيل نارين کي به هيچ ڪري پيش ڪرڻ آهي. اهڙن اصطلاحن کي هر پڙهندڙ پنهنجي شعوري سطح تحت ننديندو يا ساراهيندو. يا وري لفظ ”عورت“ ناريءَ لاءِ استعمال ڪرڻ جيڪو قرآن مان کنيل آهي، ۽ عربيءَ ۾ جنهن جي معنى اُگهاڙي آهي، جي استعمال کي تُرت ختم ڪرڻ گهرجي، سنڌي ميڊيا ۽ خاص طور تي ڪاوش جهڙي اخبار جو اهو فرض آهي ته نوان لفظ، اصطلاح، خيال ۽ لاڙا  به پئدا ڪري.گڏو گڏ ا شتهاري مواد جي سطحيت کي ختم ڪري ان کي گهرائيءَ سان پيش ڪري، ته جيئن نارين جي جسم کي جنسن جي کاپي لاءِ نه استعمال ڪجي.

* سنڌي ميڊيا، ۽ خاص طور تي ڪاوش کي رٿابندي ڪرڻ گهرجي ته سنڌ کي ڪهڙن معاملن تي يڪراءِ ٿيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سماج ۾ موجود تضادن ۽ ڌڙابندين کي گهٽائجي ادارن ۾ بهتريون آڻجن، متروڪ روين کي نيست و نابود ڪجي، ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ کي ٻُنجو ڏجي، (2006 ۾ ميڊيا تي لکيل پنهنجي مضمون ۾ مون مذهبي انتهاپسنديءَ جو سنڌي سماج ۾ پکڙجڻ تي تشويش ڏيکاري هئي، ان جي اڄ ڀيانڪ صورت اتر سنڌ ۾ نظر اچي ٿي). انهن مڙني خطرن کي ذهن ۾ رکندي سنڌي ميڊيا کي ترقياتي شعبن کان ڏهه سالا رٿابندي وارو طريقو سکڻ کپي، مثال ايندڙ ڏهن سالن ۾ ميڊيا ڪهڙن مخصوص مسئلن تي ڌيان ڏيندي، سنڌ دوستي ذهن ۾ رکندي ان سان مقصد واڳيندي، ۽ انهن ڏهن سالن ۾ ان مقصد جي حاصلات لاءِ ڪهڙا مخصوص قدم کڻندي. ان کي ترقياتي شعبي جي ٻوليءَ ۾ اسين”لاگ فريم“ ٺاهڻ چوندا آهيون، جي سنڌي ميڊيا ان رٿا سان هلي ته ٻِرانگهون پائي وڃي بين الاقوامي ميڊيا جي جديد ۽ انسان دوست ترين مقام ويجهو رسندي.

* ”تبديلي“ ۽ ”نيٺ ڇا ڪجي“ جي عنوان هيٺ سنڌ دوست عوامي راءِ جوڙڻ لاءِ ڪاوش ڳوٺن ۽ شهرن جي سطح تي مختلف موضوعن تي ميڙاڪا ڪرائي، ته جيئن ڪارو ڪاري، ۽ ٻين سماجي براين خلاف انهن جاين تي وڃي آواز اُٿارجي، نه رڳو اهو پر اهي ميڙاڪا سياسي اتحاد جوڙڻ ۾ به اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

*ميڊيا عوامي گُهرجون(پبلڪ ڊمانڊ) پئدا ڪري سگهي ٿي، اهڙا پروگرام پيش ڪجن جيڪي عوام پسند ڪري، ان بدران، ڇو نه اهڙا پروگرام رٿابنديءَ سان تيار ڪجن جيڪي عوامي سوچ کي گَهڙي تيار ڪن؟ ها، منهنجو خيال آهي ته ميڊيا شعورسازي ڪري سگهي ٿي، ان لاءِ نوجوانن منجهه نوان لاڙا پئدا ڪرڻ لاءِ مخصوص پروگرام تيار ڪيا وڃن. فلسفو، منطق ۽ ڳوڙهو علم ادب کڻي سماج جي هر ماڻهوءَ کي نه سمجهه ۾ اچي، پر فلسفي، ادب ۽ منطق جي ڄاڻ رکندڙ ڪنهن به شعبي سان واڳيل ماڻهو،اهو صحافي هجي يا ليکڪ، استاد هجي ياوڪيل، ڊاڪٽر هجي يا انجنيئر. پوليس جو هجي يا ضلعي حڪومت جو، ويندي ڪو ڌنار ئي ڇو نه هجي، هو پنهنجي واڳيل ڪم جي ان علم جي ڄاڻ جي آڌار تي ڪري بهترين ادائگي ڪندو. (اهو فقط اهو ئي سمجهندو جيڪو فلسفي ۽ منطق تي هڪ ڪتابڙو پڙهي پڄائيندو).

*ڪاوش اخبار لاءِ آخر ۾ مان اهو چونديس ته سندن باشعور صحافت سنڌي قوم لاءِ هڪ تحفو آهي، ڪاوش جيئن ته مختلف حوالن کان سنڌ ۾ ڄاڻ ۽ عوامي راءِ جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اها صحافت جي اعلى اصولن ۽ قدُرن جي پوئواريءَ جو تصور ساڻ کڻي هلي، ۽ صحافت جي شعبي جي هڪ تربيتي نرسري طور سامهون اچي، جنهن جي هوءَ اهل به آهي.

sahar.gul@gmail.com;Twitter @sahargb;


Comments

Order by: 
Per page: 
 
  • There are no comments yet